ميرڻ فقير سولنگي

ميرڻ فقير سولنگي : ميرڻ فقير سولنگي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد ۽ سورهيه شخص هو. هي ميان دين محمد جي ڏينهن ۾ پنهنجي قبيلي جو سردار هو ۽ سندس شمار ان وقت جي طاقتور سردارن ۾ ٿيندو هو. هن منڇر ڀرسان مغلن جي حامي جاگيردار بختيار خان جي زمين تي قلعو تعمير ڪرايو. مغل نواب، بختيار خان جي شڪايت تي ميان دين محمد کي خط لکيو ته هو ميرڻ سولنگيءَ کي قلعي تعمير ڪرڻ کان روڪي، پر اهو قلعو خط پهچڻ تائين تعمير ٿي چڪو هو. هي قلعو ميرڻ سولنگيءَ اصل ۾ ميان دين محمد جي مشوري تي ئي تعمير ڪرايو هو ۽ ان جي تعمير ڪرائڻ جو مقصد سيوهڻ کان مغلن جي حملن کي روڪڻ هو. ميرڻ فقير سولنگي سپهه سالار، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي. کيس منڇر ڍنڍ وٽ دفنايو ويو، سندس مزار تي هر سال ميلو لڳندو آهي.


لفظ ميرڻ فقير سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو